لاهور : هاءِ ڪورٽ هيلمٽ کانسواءِ پيٽرول نه ڏيڻ جو جاري نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي

لاهور : هاءِ ڪورٽ هيلمٽ کانسواءِ پيٽرول نه ڏيڻ جو جاري نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هيلمٽ کانسواءِ موٽر سائيڪل سوارن کي پيٽرول نه ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس راحيل ڪامران شيخ شهري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت هيلمٽ کانسواءِ پيٽرول نه ڏيڻ جو جاري نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ ڊي سي لاهور ۽ آءِ جي پنجاب سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو عدالت پڇاڻو ڪيو ته رڳو نوٽيفڪيشن ذريعي پابندي ڪيئن لڳائي سگهجي ٿي، آرٽيڪل 18 کي ڪيئن معطل ڪري سگهو ٿا؟ لاهور هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته ائين ڪرڻ آئين جي بنيادي حقن جي نفي آهي، مناسب آهي ته حڪومت ان حوالي سان قانونسازي ڪري هيلمٽ کانسواءِ پيٽرول نه ڏيڻ جو قانون ناهي، ڊي سي جو حڪم خلاف قانون آهي. ياد رهي ته پنجاب جي مختلف شهرن ۾ هيلمٽ نه پائيندڙ موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول فراهم نه ڪيو پيو وڃي، لاهور ۾ هيلمٽ کانسواءِ موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول وڪرو ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي چيف ٽريفڪ آفيسر جي درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر لاهور طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965ع تحت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن سمورن لاڳاپيل اختيارين ڏانهن موڪليو ويو. نوٽيفڪيشن ۾ سمورن پيٽرول پمپ مالڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هيلمٽ کانسواءِ موٽر سائيڪل سوارن کي پيٽرول نه ڏنو وڃي. هيلمٽ نه پائڻ سبب موٽرسائيڪل حادثن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، سمورا پيٽرول پمپ مالڪ حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ موٽرسائيڪل سوار جو هيلمٽ پائڻ لازمي آهي.