ڪنڌ ڪوٽ : شھر جي دايا پاڙي مان گھر اڳيان پراسرار نموني اغوا ٿيل ٽن ورھين جو معصوم نينگر سيد زوار علي شاهه جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگھيو آهي معصوم جو ڪو به ڏس پتو نه پوڻ ڪري سندس گھر ۾ سوڳ جو ماحول بڻيل آهي شھري اظھار ھمدردي لاءِ ڏکايل خاندان وٽ پھچي ڪري ھر مدد ۽ تعاون جو يقين ڏيارن پيا 2 ڏينهن اڳ چارج وٺيندڙ ايس ايس پي زبير نظير شيخ سان شھري اڳواڻن ۽ وارثن جي گڏيل وفد جي ملاقات ٿي جنهن ۾ ايس ايس پي معصوم کي جلد بازياب ڪرائڻ جو يقين ڏياريو آهي ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ پاڪستان ايئر فورس طرفان ڳوٺ بقا محمد بنگوار ۾ برساتي ٻوڏ متاثرن ۾ راشن، ڪپڙا، چپل، ڏيڻ جي تقريب ڳوٺ ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ ھڪ ڏينهن جي ميڊيڪل ڪيمپ پڻ لڳائي ٻه سو مريضن جو چڪاس ڪري مفت ۾ دوايون ڏنيون ويون اڪثر مريض مليريا، پيٽ سور، خارش جا ھيا اھي بيماريون ٻوڏ بعد پکڙيل آهن چار سو کان وڌيڪ راشن بيگ، گرم ڪپڙا، چپل به متاثرن کي ڏنا ويا غريب مسڪين ھارين کي راشن ۽ علاج جون سھولتون ملڻ تي خوش ٿي ويا انھي موقعي تي ڳوٺ جي معزز بقا محمد بنگوار چيو ته پاڪ ايئر فورس جي طرفان اسان جي ڳوٺ سميت علائقي جي متاثرن ۾ امدادي سامان ۽ علاج جو سھولت فراھم ڪرڻ تي اسين سلام پيش ڪريون ٿا انھي ڏکي وقت ۾ پاڪ ايئر فورس متاثرين سان گڏ آهي
