اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس، عمران خان خلاف توشه خاني ڪيس جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي جاري ڪري ڇڏي. چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري حڪم جاري ڪيو عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خاني ڪيس جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو، جڏهن ته سزا خلاف اپيل جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ لاءِ ڌرين کي نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا. حڪم ۾ چيو ويو ته ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن ۽ ڪيس جو رڪارڊ به طلب ڪيو وڃي. عمران خان جي اپيل 5 آگسٽ تي ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف آهي، ٽرائل جي ٻڌڻي پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اليڪشن ڪميشن جي شڪايت تي ڪئي وئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي سزا معطلي جي درخواست تي جلد فيصلو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين سزا معطل ڪندي ضمانت تي آزاد ٿيڻ جي درخواست ڪئي، ٽرائل ڪورٽ عمران خان کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. ياد رهي ته ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جي سزا کي فوري معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي سزا خلاف اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي سردار لطيف کوسا، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا وڪيل به موجود هئا. سردار لطيف کوسا عمران خان جي وڪيلن کي هراسان ڪرڻ جي شڪايت ڪئي، لطيف کوسا چيو ته اسان عدليه جي آزادي ۽ نظام جي بحالي لاءِ قربانيون ڏنيون.