وزيراعظم جو چوڻ آهي ته مونکي فخر آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان هميشه سٺا لاڳاپا رهيا آهن، مان 30 سالن کان اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو رهيو آهيان. تفصيل موجب وزير اعظم شهباز شريف سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سياست دائو تي لڳائي رياست کي بچايو، نواز شريف نااهلي جي 5 سالن جي سزا مڪمل ڪري ورتي آهي نواز شريف چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ وزيراعظم هوندو، سپريم ڪورٽ جو فيصلو نواز شريف لاءِ رڪاوٽ ناهي. مهانگائي بابت ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته مهانگائي تمام گهڻي آهي، ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو. مهانگائي آئي ايم ايف جي ڪري آئي، پر اسان مهانگائي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه گهٽتائي آئي مان هميشه تنقيد ۽ تعمير جو استقبال ڪريان ٿو،” هن چيو مون صحافين تي اعتماد ڪيو ته هو آزادانه رپورٽنگ ڪن، اسان کي سخت فيصلا ۽ قدم کڻڻا پيا. الوداعي ملاقاتن جي حوالي سان وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪنهن به وزيراعظم جي اهڙي الوداعي ملاقات نه ٿي آهي جيئن مان وڃي رهيو آهيان، سڀني سان گڏ وڃي رهيو آهيان. پاڪستان کي وجود ۾ اچي 76 سال ٿي ويا آهن، جتان ڏکڻ ڪوريا منصوبو ورتو. هن چيو ته سيڙپڪاري ڪائونسل ٺاهڻ تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجڻ گهرجي وزيراعظم ان جو سربراهه هوندو آهي ۽ آرمي چيف ان جو ميمبر هوندو آهي، سيڙپڪاري ڪائونسل ۾ چار وڏا وزير شامل هوندا آهن. شهباز شريف چيو ته هو سي سي آءِ ۾ ويو ۽ فيصلو ٿيو ته مردم شماري لازمي آهي، اليڪشن ڪميشن مردم شماري جي نتيجن موجب فيصلو ڪندي، جڏهن ته نئين آدمشماري کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. نگران وزيراعظم جي مقرري بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اتحادين مون کي نگران وزيراعظم بابت اختيار ڏنو. نگران وزيراعظم لاءِ اڄ مشاورت ٿيندي، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ مان فيصلو نه ڪري سگهيا ته پارلياماني ڪميٽي ۽ اليڪشن ڪميشن جو فورم موجود آهي.