63

ڪراچي جا ٿاڻا به غير محفوظ: مالي خاني مان 2 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم چوري

ڪراچي : جا ٿاڻا به محفوظ ناهن رهيا پوليس اسٽيشن جي مال خاني مان 2 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم چوري ٿي وئي آرٽلري ميدان ٿاڻي جي مال خاني مان ڪيس پراپرٽي جا 2 ڪروڙ 7 لک 75 هزار رکيا ويا هئا پوليس فيبروري ۾ ٿيندڙ واردات جي 6 جوابدان کي گرفتار ڪري رقم هٿ ڪئي هئي 2 فيبروري تي ڪراچي ۾ دائود پوٽا روڊ تي سوناري کان 3 ڪروڙ روپيه ڦر ڪيا ويا هئا رقم هٿ اچڻ کان پوءِ 4 مهينن کان آرٽلري ميدان ٿاڻي جي مال خاني ۾ رکي وئي هئي 2 ڏينهن اڳ مال خاني مان رقم غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي پوليس اختيارين ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته 2 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ٿاڻي مان ڪيئن چوري ٿي ان باري ۾ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ايس ايس پي سائوٿ اسد رضا موجب ٿاڻي جي هيڊ محرر عبدالله جاچ آفيسر محمود ۽ ڊيوٽي گارڊ کان پڇاڳاڇا ڪري رهيا آهيون ٽنهي اهلڪارن خلاف ڏوهاري غفلت جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو