ڪنڌڪوٽ : ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد انڊس هاء وي لنڊي شاخ ڀرسان رات نامعلوم ھٿيار بندن جي ڪاھ هٿيار بندن

ڪنڌڪوٽ : ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد انڊس هاء وي لنڊي شاخ ڀرسان رات نامعلوم ھٿيار بندن جي ڪاھ هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ مزدا ڊرائيور ڊيره بگٽي واسي علي خان بگٽي ۽ ڪلينڊر غلام بهادر بگٽي ٿڏي تي ئي مارجي ويا ھئا جڏهن ته هڪ ڄڻو عبدالواحد زخمي ٿي پيو ھو هٿياربندن 2 ڄڻن محمد حسين بگٽي ۽ احمد حسين بگٽي کي اغوا ڪري ويا هئا,ناپر ڪوٽ پوليس واقعي واري هند پهچي لاش ۽ زخمين کي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيواطلاع تي ڊيرا بگٽي کان مقتولن جا وارث واقعي واري ھنڌ پھچي لنڊي شاخ وٽ انڊس ھا۽ وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪندي آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين س وارن کان مطالبو ته اغوا ٿيل 2 ڄڻن کي بازياب ڪرائي واقعي ۾ گهربل جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃيڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان مسافر گاڏين جو ڊگھيون قطارون لڳي ويون ناپرڪوٽ ويجهو ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد انڊس هاء تي شيخ واھ ڀرسان هٿياربندن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزدا کي اڳ ڏنو, جڏهن ته ڊرائيور پاران مزدا نه روڪڻ ڪري هٿيار بندن مزدا تي سڌي ۽ ڇتي فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوليون لڳڻ سبب ڊيره بگٽي واسي بهادر بگٽي ۽ علي بگٽي ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته مزدا سوار عبدالواحد بگٽي ۽ هڪ علائقي واسي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا, واقعي جي اطلاع بعد ناپر ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ فائرنگ ۾ شديد فائرنگ هٿياربند فرار علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو, ناپر ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ کان فوتين جا لاش ۽ زخمين کڻائي شڪارپور اسپتال پهتا شڪارپور اسپتال مان زخمي عبدالواحد بگٽي کي نازڪ حالت ۾ لاڙ ڪاڻي جي اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي سڏهن ته قتل ٿي ويل ٻنهي ڄڻڻ جا لاش شڪارپور اسپتال مان خانپور اماڻيا ويا خانپور اسپتال مان ٻنهي ڄڻڻ جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا مڙه گهر پهچڻ بعد وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو