وفاقي راڄڌاني ۾ يوم آزادي جي رات لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي پوليس ترجمان موجب اسلام آباد پوليس ون ويلرز ۽ هنگامو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ ٽريفڪ پوليس، ضلعي پوليس ۽ ڊولفن فورس جون 5 ٽيمون جوڙيون ويون آهن پوليس ترجمان جو چوڻ هو ته باجا ۽ هارن وڄائيندڙن خلاف قلم 144 ڪيو ويو آهي، ون ويلنگ ۽ هنگامي تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ايڪسپريس وي، شاهراهه دستور، ڪشمير هاءِ وي ۽ ڪلب روڊ تي ڪارروائيون ڪيون وينديون پوليس ترجمان ٻڌايو ته يوم آزادي جي موقعي تي سمورا ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز کي علائقن ۾ روڊن تي رهڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي، موٽرسائيڪل جي سائلنسر کولڻ ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ تي به ڪارروائي ٿيندي.