سڄي ملڪ ۾ اڄ آزادي جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي

سڄي ملڪ ۾ اڄ 77هون آزادي جو جشن جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي جشن آزادي جي موقعي تي عوام طرفان رنگ برنگي لائٽون، ساوا جهنڊا ۽ جهنڊيون لڳائي پنهنجن گهرن ۽ گهٽين کي سينگاريو ويو آهي ڪراچي ۾ وڏين شاهراهن جي چوڌاري قائم عمارتن جي سجاوٽ شهر جي رونق کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ به مختلف عمارتن کي جهنڊن ۽ بتين سان سينگاريو ويو آهي ڪوئٽه، پشاور، ملتان سميت سڄي ملڪ ۾ روايتي انداز سان آزادي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي لاهور ۾ رات 12 وڳي کان ئي گريٽر اقبال پارڪ، پنجاب اسٽيڊيم، ڪلمه چوڪ سميت ٻين هنڌن تي آتشبازي جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو جڏهن ته ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي سان ٿي. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي. ان کان علاوه فجر جي نماز ۾ ملڪ جي ترقي، يڪجهتي، امن ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون جشن آزادي جي پرمسرت موقعي تي ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار جڏهن ته لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.