اڄ رات تائين نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق ٿي ويندو: مراد علي شاهه

سنڌ: جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نگران وڏي وزير لاءِ ڏنل نالن مان ڪنهن به هڪ کي چونڊ ڪرڻ ۾ مشڪل ٿي رهي آهي. ٻنهي طرفن کان 12-13 نالا ڏنا ويا آهن سمورا نالا قابل احترام ۽ سٺا آهن قائداعظم جي مزار تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي مراد علي شاهه چيو ته اسان جي ڪالهه ۽ 2 ڏينهن اڳ وڏي وزير لاءِ ڳالهيون ٿيون هيون. اسان سٺن سٺن نالن تي غور ڪيو آهي سٺن نالن مان ڪنهن به هڪ کي چونڊ ڪرڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي. هن چيو ته هڪ اڌ ڏينهن ۾ نگران وڏي وزير جي چونڊ ٿي ويندي. اڄ رات 12 وڳي تائين نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق ٿي ويندو سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نگران وزيراعظم اڄ حلف کڻندو، کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، آئين جي پاسداري ڪندي چونڊون جلد ٿيڻ گهرجن. هاڻ وفاق ۽ صوبن ۾ نگران حڪومت اچي ويندي. جنهن کان پوءِ اسان عوام وٽ وينداسين ته هو اسان کي چونڊ ڪن مراد علي شاهه چيو ته رب پاڪ پاڪستان کي ترقي ۽ امن وارو ملڪ بڻائي. اڄوڪي ڏينهن اسان کي شهيدن کي ياد رکڻ گهرجي. ڪشمير ۽ فلسطين جي مسلمانن کي اڄوڪو ڏينهن ياد رکڻ گهرجي. گجرات جي ڪاسائي ڪشمير ۾ ظلم پکيڙي ڇڏيو آهي. رب پاڪ ڪشميرين کي مودي جي عذاب کان ڇوٽڪارو ڏياري وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪالهه هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي. هڪ صحافي کي قتل ڪيو ويو، پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته انصاف ٿيڻ گهرجي ۽ قاتل کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي. جشن آزادي جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر ڪامران ٽيسوري قائداعظم جي مزار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.