نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو صدارتي هائوس ۾ انوارالحق ڪاڪڙ جي بطور نگران وزيراعظم حلف برداري تقريب ٿي جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي انوارالحق ڪاڪڙ کان بطور نگران وزيراعظم جي عهدي جو حلف ورتو تقريب ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف کان علاوه اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، نگران پنجاب جو وڏو وزير محسن نقوي ۽ پي ٽي آءِ سينيٽر شهزاد وسيم سميت اڳوڻن وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ سياسي عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي. ياد رهي ته انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي اٺين نگران وزيراعظم جي عهدي جو حلف کنيو آهي.