پاڪستان جي 76 هين يوم آزادي جي موقعي تي بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان جي سفير معين الحق چين ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو سومر تي چائنا ميڊ يا جي مطابق هن چيو ته اسان متاثر خاندانن ۽ چيني حڪومت سان انهن نقصانن تي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا معين الحق چيو ته پاڪستان ۾ جڏهن به قدرتي آفت آئي آهي ته چين اڳتي اچي پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان چيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بحالي جي ڪم لاءِ هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چين ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري تي زور ڀريو ته هو متاثر ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي.