خيرپور : شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پاڪستان جو 76 ھون يوم آزادي قومي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو

خيرپور : شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پاڪستان جو 76 ھون يوم آزادي قومي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو. يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو يونيورسٽي جي مرڪزي لان تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو تہ 14 آگسٽ يومِ آزادي جي پرمسرت ۽ سعيد موقعي تي آءُ پنهنجي هم وطنن، معزز استادن، آفيسرن، ملازمن ۽ شاگردن کي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪريان ٿو. اڄ جي ڏھاڙي تي دنيا جي افق تي هڪ نئين آزاد ۽ خود مختيار ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو. برصغير جا مظلوم مسلمان پنهنجي جرئت ۽ ايمان جي جذبي تحت پنهنجي جدا وطن ۽ سياسي وجود جي آزاديءَ جو خواب ساڀيان ڪري سگهيا. ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو تہ پاڪستان جو قيام برصغير جي مسلمان اڳواڻن جي اڻٿڪ جدوجهد جو نتيجو آهي. هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ جي قيام لاءِ هزارين مسلمانن پنهنجون قيمتي جانيون قربان ڪيون. وقت جي ضرورت آھي ته معياري تعليم، تحقيق، نوجوانن جي ترقي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ جدوجهد سان گڏوگڏ بيروزگاري، عدم برداشت، انتهاپسندي، غربت، بک، بدحالي ۽ ٻين سماجي براين خلاف گڏيل جدوجهد ڪئي وڃي. پائيدار جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ روادار سماج کي فروغ ڏيڻ پڻ وقت جي اھم ضرورت آهي. ان کان علاوه اسان کي ملڪ جي سمورن ادارن لاءِ احترام جو جذبو پيدا ڪرڻو آھي ڇاڪاڻ ته اهي ادارا ملڪي سالميت، يڪجھتي ۽ هم آهنگي جي علامت آهن. وائيس چانسلر چيو تہ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ جي ٽئين وڏي سرڪاري يونيورسٽي جي حيثيت سان وڏي پيماني تي پنهنجون علمي، تحقيقي ۽ عوامي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. ھن چيو تہ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت سان مون کي اميد آهي ته منهنجي ٽيم علمي ۽ تحقيقي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پوري جستجو ۽ حوصلي سان ڪم ڪندي ۽ يونيورسٽي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي تعليمي لحاظ کان بهتر طور اڀري ايندي. اسان هن اداري جي ترقي ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز ۽ ڊاڪٽر سراج احمد ابوپوٽو چيئرمين پاڪستان اسٽڊيز شعبو آزاديءَ لاءِ مسلمان اڳواڻن جي جدوجهد کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته قومي اتحاد ۽ رياستي ادارا مضبوط ڪرڻ لاءِ رنگ، نسل، نسلي تعصب ۽ ٻين بنيادن تي فرق کي ختم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، ماڊل اسڪول جي شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا. ميوزڪ سوسائٽي جي شاگردن قومي گيت پيش ڪيا. ملازمن وچ ۾ رسہ ڪشي جا مقابلا ٿيا، جڏهن ته ثقافتي راند ملھ جا مقابلا پڻ منعقد ڪيا ويا. وائيس چانسلر کٽيندڙن ۾ نقد انعام ورهايا. اڄوڪي ڏهاڙي جي موقعي تي يونيورسٽي ۾ وڻ پوکڻ جي مھم جو افتتاح ڪيو ويو. وائيس چانسلر، ڊين، رجسٽرار ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن مقامي وڻن جا ٻوٽا لڳايا. ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي ۽ شرڪت ڪندڙن ۾ مٺايون ورهايون ويون. تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض ڊاڪٽر علي رضا لاشاري سرانجام ڏنا. تقريب ۾ پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفي مشوري، پروفيسر ڊاڪٽر امير حسين شر، پروفيسر ڊاڪٽر مينھون خان لغاري، پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي جکراڻي، پروفيسر ڊاڪٽر ارم راڻي شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر حسام الدين شيخ، پروفيسر ڊاڪتر نويد احمد شيخ، ڊاڪتر عنايت اللھ ڀٽي، عشرت علي ميراڻي، سائرہ چانڊيو، سيد مھدي شاہ راشدي، انجينئر فيض محمد شيخ، مشتاق علي خاصخيلي، زوهيب شفقت ميمڻ، غزالا قريشي، عرفان علي ڦلپوٽو، فدا حسين چانڊيو، تاج محمد مهر، استادن، آفيسرن، ملازمن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.