ڳوٺ قادربخش بروهي جا رهندڙ ويھ ڏينهن پهريان هڪ ڪلاڪ جي برسات ۾ هن وقت تائين مڏل آهن، شبیر بروھي ،غلام نبي بروهي، لال محمد بروهي جن مڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته برسات کي ويھ ڏينهن گذري ويا آهن، ۽ گندو نالن جو پاڻي به گڏجي ويو آهي پر هن وقت تائين انتظاميا پاران اسان جي گهرن جو پاڻي ناهي ڪڍرائي سگهي ۽ جڏهن ته اسان جي ڳوٺ جي ويجھو ڊسپوزل هوندي به ڊسپوزل هلايو نٿو وڃي، سندن ڊسپوزل واري جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن کان اسان جي ڊسپوزل جو ڊيزل انتظاميا بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ هتي جي بجلي 24 ڪلاڪن مان صرف 8 کان 10 ڪلاڪ هلندي آهي، ڳوٺاڻن پاران ڪمشنر ھٺايو اسان جو ڳوٺ بچايو جا نعرا هڻي مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي انتظاميا کان ڪجهه نٿو گهرجي صرف اسان جي گهرن جو پاڻي ڪڊرائي ڏنو وڃي ۽ هتان جي عوام کي بيماري کان بچايو وڃي.