پرڏيهي ڪرنسي جنهن جي پاڪستان ۾ قيمت هڪ هزار رپين جي سطح تي پهچي وئي. تفصيل موجب گذريل 16 مهينن دوران پاڪستاني رپئي جي بدترين قدر ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان جي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ سمورن پرڏيهي ڪرنسي جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. گذريل 16 مهينن دوران پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽتائي سبب هڪ پرڏيهي ڪرنسي به آهي جنهن جي پاڪستان ۾ قدر هڪ هزار رپين جي ويجهو پهچي وئي آهي ٻڌايو ويو آهي ته ڪويت دينار ملڪي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ سڀ کان مهانگي ڪرنسي بڻجي ويو آهي. ڪويت دينار هن وقت پاڪستان جي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ 936 روپين جي قيمت تي موجود آهي. ٻئي طرف ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ خريد ۽ وڪري واري پرڏيهي ڪرنسي جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي گذريل 13 پارٽين جي اتحادي حڪومت جي دعوائن جي ابتڙ پاڪستاني رپيو مضبوط ٿيڻ بدران ڪمزور ٿيندو پيو وڃي حڪومت مسلسل دعويٰ ڪندي رهي آهي ته پاڪستان جي معاشي بدحالي ختم ٿي وئي آهي، پر مارڪيٽ جون خبرون ڪجهه مختلف آهن. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 295 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 288 رپيا کان وڌيڪ ٿي وئي آهي. هتي ياد رکڻ گهرجي ته 13 پارٽين جي اتحادي حڪومت جا 15 مهينا 75 سالن ۾ پاڪستاني رپئي لاءِ بدترين دور ثابت ٿيا. 15 مهينن ۾ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 105 رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي. ڊالر جي قيمت ۾ اهڙي تيزيءَ سان اضافو ۽ رپئي جي بدتر قدر جي ڪري پاڪستان جي قرضن ۾ صرف 15 مهينن ۾ هزارين ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي.