پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو. تفصيل موجب سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج کي نامزد ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ هما نيوز جي رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج مقبول باقر کي سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو نالو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تجويز ڪيو هو، جنهن تي سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر پنهنجي پارٽي قيادت سان مشاورت ڪئي. ميڊيا رپورٽن مطابق سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ وڏي وزير ۾ مشاورت جو اڄ آخري ڏينهن آهي پارٽيون ڪوششون ڪري رهيون هيون ته نگران وڏي وزير جي چونڊ جو معاملو پارلياماني ڪميٽي اليڪشن ڪميشن ڏانهن نه وڃي. جيڪڏهن اڄ رات 12 وڳي تائين نالي تي اتفاق نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن ويندو. جڏهن ته سومر جي شام مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي ملاقات دوران نگران وڏي وزير لاءِ رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر جو نالو تجويز ڪيو ويو ٻڌايو پيو وڃي ته راڻا انصار سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران تجويز ڪيل جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو نالو پ پ قيادت سان مشاورت کانپوءِ منظور ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽن موجب جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اڄ اڱاري ڏينهن سنڌ جي نگران وڏي وزير جي عهدي جو حلف کڻندو. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سنڌ جو اٺون نگران وڏو وزير هوندو. مراد علي شاهه جي وزارت عظميٰ جو مدو حلف کڻڻ سان ئي ختم ٿي ويندو.