عمران خان جي 3 ڪيسن ۾ ضمانت رد ڪئي وئي

اسلام آباد عمران خان جي ٿاڻن ۽ ڀريا ڪهو ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. تفصيل موجب دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي 3 ڪيسن ۾ ضمانت رد ڪري ڇڏي. جج ابو الحسنات ذوالقرنين محفوظ فيصلو ٻڌايو دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي، عمران خان خلاف خانواهڻ ٿاڻي ۾ 2 ۽ ڀريا کهو ٿاڻي ۾ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان اٽڪ جيل ۾ قيد آهي، کيس توشه خاني ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سندس گهرواري ۽ وڪيلن سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي گذريل ڏينهن عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ منتقلي، سهولتن ۽ ملاقات جي درخواست تي لکت وارو حڪم نامو جاري ڪيو ويو هو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 5 صفحن تي ٻڌل لکت وارو حڪم جاري ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته رڪارڊ تي ڪجهه به ناهي ته قيدي کي هفتي ۾ هڪ کان وڌيڪ ملاقات کان روڪيو وڃي. جيل جي ضابطن موجب جيل اختيارين کي عمران خان جي دوستن، مائٽن ۽ وڪيلن سان ملاقات جو بندوبست ڪرڻ گهرجي گهر جي ماني بابت درخواست تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اٽڪ جيل کان اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست تي مناسب حڪم جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.