بشرا بي بي کي 9 مئي واقعن جي جاچ جو حڪم

اسلام آباد : جي ضلعي ۽ سيشن عدالتن ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ بشرا بي بي خلاف 9 مئي واقعن تي داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ بشرا بي بي جو وڪيل سلمان صفدر عدالت ۾ پيش ٿيو. ڊيوٽي جج محمد سهيل عمران خان ۽ بشرا بي بي خلاف 7 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر چيو ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين ڏوهاري آهي ۽ جيل ۾ آهي پراسيڪيوٽر سان ڳالهه ٻولهه ۾ وڪيل سلمان صفدر چيو ته اوهان ڳالهائڻ جي جلدي ۾ آهيو. جج ٻڌڻي ۾ جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا عمران خان جاچ ۾ شامل آهي؟ جاچ آفيسر جواب ڏنو ته عمران خان خلاف ڪجهه ڪيسن ۾ جاچ ناهي ٿي. وڪيل سلمان صفدر عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان تي سمورن 6 ڪيسن ۾ هڪ ئي نوعيت جو الزام آهي جج محمد سهيل چيو ته جاچ آفيسر ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کان هڪ ڪيس جي جاچ ٿي پر ٻين 5 ۾ نه، وڪيل سلمان صفدر عدالت کي ٻڌايو ته اسان گذريل ٻڌڻي تي استغاثه جي شڪايت ڪئي هئي. جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پراسيڪيوشن سان رابطو ڪيو پر ڪو به جواب نه ڏنو، تحريڪ انصاف جو چيئرمين هن وقت جيل ۾ آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 71 سالن کان ڪو به ڪرمنل رڪارڊ ناهي عمران خان خلاف سياسي انتقام ورتو پيو وڃي، تحريڪ انصاف جو چيئرمين روزاني جي بنياد تي ضمانت لاءِ عدالتن جا دورا ڪندو هو، پوليس ڄاڻي واڻي چيئرمين تحريڪ انصاف کان جاچ نه ڪري رهي آهي. بشرا بي بي به جج محمد سهيل جي عدالت پهچي وئي. جج محمد سهيل هدايت ڪئي ته بشرا بي بي کي عدالت ۾ ويهاريو وڃي، وڪيل سلمان صفدر چيو ته عمران خان ڄاڻي واڻي عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو، هو اٽڪ جيل ۾ آهي توشه خانه ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي 15 منٽن ۾ گرفتار ڪيو ويو، جج محمد سهيل پڇا ڳاڇا ڪئي ته توهان چاهيو ٿا ته جج طاهر عباس سپرا چيئرمين پي ٽي آءِ جي ضمانت ٻڌي، ڇا بشرا بي بي کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي؟ بشريٰ بي بي کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو آخري موقعو ڏنو پيو وڃي؟. جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو بشرا بي بي خلاف جاچ ۾ شامل ٿئي.