ڪنڌرا جي گورنمينٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ڪنڌرا ۾ 14 اگسٽ جشن آزادي جو ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو ان موقعي تي شاگردن جي وچ ۾ تقريري مقابلو پڻ ڪرايو ويو ۽ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ انعام پڻ ورھايا ويا اسڪول جي استادن ۽ شاگردن قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس ساٿين کي ملڪ آزاد ڪرائڻ تي خراج تحسين پيش ڪري ياد ڪيو ويو ان موقعي تي اسڪول جي اڳوڻي پرنسپال اظھر حسين شاھ ۽ استاد علي در گھانگھرو ۽ ٻين استادن استاد حنيف ٻرڙو استاد يوسف رضا ڌاريجو استاد خليل احمد ٻرڙو استاد سريچند مينگھواڙ ۽ ٻين استادن ۽ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ آخر ۾ پاڪستان جي لاء دعا خير گھري شاگردن ۾ مٺائي تقسيم ڪئي وئي