ايندڙ عام چونڊن دوران ڪنهن به قسم جي سروي ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي حوالي سان 18 نقاطي ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن دوران ڪنهن به قسم جي سروي تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي جڏهن ته انٽري ۽ ايگزٽ پولز جي نشريات تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي اليڪشن ڪميشن موجب عام چونڊن دوران ميڊيا تي اهڙي قسم جا پول نشر ڪرڻ سان ووٽر جي راءِ متاثر ٿي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن نظريه پاڪستان خلاف خبرون نشر ڪرڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي. پي آءِ ڊي، پيمرا، پي ٽي اي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کان مدد طلب ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته عدليه، رياستي ادارن، آزادي ۽ نظريي پاڪستان بابت مواد نشر نه ڪيو ويندو اليڪشن ڪميشن سوشل ميڊيا کي به ضابطه اخلاق ۾ شامل ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن اميدوارن جي شخصيت، مذهب ۽ برادري بابت ناڪاري مواد نشر ڪرڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن هڪ اميدوار ٻئي اميدوار تي الزام لڳائي ته ميڊيا به ٻئي اميدوار جو موقف وٺي. اليڪشن ڪميشن ميڊيا چينلز کي پولنگ ختم ٿيڻ کان هڪ ڪلاڪ پوءِ نتيجا نشر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ تڪ بندين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر عام چونڊن جو ذڪر ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي ضلعي شڪارپور جي 3 صوبائي تڪن تي تڪبندين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت تڪبندين بابت معاملو ٻيهر اليڪشن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته عام چونڊون ڪڏهن ٿينديون؟ ٻڌڻي دوران ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اڃا تائين چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ناهي ٿيو.