ٺڪراٺو: ۾ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لا۽ صحافين ۽ شھرين جو احتجاجي مظاھرو قاتل جلد گرفتاري ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وڃن ٺٺڪراٺو (رپورٽ) ڪراٺو ۾ صحافين ۽ شھرين سکر جي شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لا۽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙ صحافين مير حسن منگي عبدالمجيد مھر علي نواز مھر ممتاز مھر اربيلو مھتم عطا سھتو ڪرم علي فقير الھڏنو مھر ڪريم بخش مھر ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي نالي واري صحافي ڪاوش ڪي ٽي اين نيوز سکر جي بيوروچيف جان محمد مھر کي ھٿياربندن وچ شھر ۾ بيدردي سان شھيد ڪري صحافت جو وڏو نقصان ڪيو ھنن چيو ته جان محمد مھر چاليھ سالن کان وٺي مظلومن جو آواز ايمانداري ۽ دل جي حُضور سان ايوانن تائين پھچايو جيڪا ڳالھ ظالم ماڻھن کي برداشت نه ٿي ۽ پو۽ صحافي کي شھيد ڪري سنڌ جي صحافت کي وڏو نقصان ڏنو احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته شھيد صحافي جان محمد مھر جا قاتل گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.