اسلام آباد: وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) چيرمين پي ٽي آءِ خلاف سائفر جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪري ورتو ايف آءِ اي جي هشتگردي جي خاتمي واري ونگ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائفر گمشدگي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. سائفر معاملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي انهي معاملي جي جاچ ڪندي ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان سائفر بابت پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو هو جنهن ۾ هن سائفر کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش قرار ڏنو هو واضح رهي ته گذريل سال مارچ ۾ هڪ جلسي دوران ان وقت جي وزيراعظم عمران خان پنهنجي کيسي مان خط ڪڍي دعويٰ ڪئي هئي ته منهنجي خلاف اپوزيشن جي عدم اعتماد جي پاليسي پرڏيهي سازش جو نتيجو هئي مون کي اقتدار کان هٽائڻ جي لاءِ پرڏيهي ملڪن مان فنڊز اماڻيا ويا