جليل عباس ۽ سيد محمد علي کي اهم وزارتون ملڻ جو امڪان

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي ڪابينه جي لاءِ مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي ذريعن موجب نگران ڪابينه جي لاءِ تقريبن سمورا نالا فائنل ڪيا ويا آهن، هاڻ صرف حتمي مشورا ڪيا پيا وڃن، جنهن کان پوءِ اڄ ئي نگران ڪابينه جو اعلان ٿي سگهي ٿو. ذريعن موجب نگران ڪابينه کي اڄ ئي حتمي شڪل ڏني ويندي، سڀاڻي ڪابينه ميمبرن طرفان حلف کڻڻ جو امڪان آهي ذريعن موجب نگران ڪابينه ۾ اطلاعات واري وزارت جي لاءِ محمد علي دراني جو نالو شامل نه آهي، سندس جڳهه تي اطلاعات واري وزارت سيد محمد علي کي ملڻ جو امڪان آهي جيڪو هڪ دفاعي تجزيه ڪار آهي ذريعن ٻڌايو آهي ته نگران ڪابينه ۾ پرڏيهي وزارت جي ذميواري اڳوڻي سفارتڪار جليل عباس جيلاني کي ملڻ جو امڪان آهي، هو آمريڪا ۾ پاڪستان جو اڳوڻو سفير به رهي چڪو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته نگران ناڻي واري وزير جي لاءِ گذريل ڏينهن سلطان علي الانا جو نالو فائنل ڪيو ويو هو پر ان جي ٻٽي شهريت سبب هاڻ نگران ناڻي واري وزير جي لاءِ وڌيڪ 2 نالن تي غور ڪيو پيو وڃي جن مان ڪنهن هڪ کي اها ذميواري ملڻ جو امڪان آهي ذريعن موجب نگران ناڻي واري وزير جي لاءِ اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ شيخ ۽ اڳوڻي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر جي نالن تي غور نه پيو ڪيو وڃي. ذريعن ٻڌايو آهي ته نگران گهرو وزير جي لاءِ سرفراز بگٽي جو نالو سامهون اچڻ جو امڪان آهي جنهن جو هڪ سبب ان جو اڳوڻو گهرو وزير هجڻ به آهي