توشه خاني ڪيس، پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي 22 آگسٽ تي ٿيندي

اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ ۾ توشاخانا ڪيس ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ جي سزا خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، ڊويزن بئنچ 22 آگسٽ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪندي بينچ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق جهانگيري شامل آهن، واضح رهي ته 5 آگسٽ تي اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ جي جج همايون دلاور پي ٽي آءِ چيئرمين کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. توشه خانه ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين کي توشه خاني ڪيس ۾ سزا ملڻ کانپوءِ ساڳئي ڏينهن لاهور مان گرفتار ڪيو ويو ۽ هن وقت اٽڪ جيل ۾ قيد آهي