بشريٰ بي بي طرفان گذريل ڏينهن پوليس کي ڏنل بيان جا تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد: توشه خانه جي گهڙي وڪرو ڪرڻ بابت جعلي رسيدون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ بشريٰ بي بي طرفان گذريل ڏينهن پوليس کي ڏنل بيان جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن توشه خانه مان ورتل گهڙي جون جعلي رسيدون ٺاهڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشريٰ بي بي عدالتي حڪمن تي جاچ ۾ شامل ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو بشريٰ بي بي پوليس جي جاچ ٽيم آڏو ڏنل بيان ۾ جعلي رسيدون ٺاهڻ جو الزام رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته رسيدون ٺهرائڻ بابت سامهون ايندڙ آڊيوز ۾ آواز به ڪنهن ٻئي جي قرار ڏئي ڇڏي ذريعن موجب پوليس جي جاچ ٽيم 25 سوال تيار ڪيا هئا پر بشريٰ بي بي کان 23 سوال پڇيا ويا جيڪي گهڻو ڪري توشه خانه تحفن بابت هئا گهڙي وڪرو ڪرڻ جون جعلي رسيدن بابت سوال تي اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واري چيو ته مون کي خبر ناهي ته رسيدون ڪٿان کان آيون ۽ ڪنهن ٺهرايون آهن بشريٰ بي بي ٻن آڊيو ليڪس ۾ آواز به پنهنجي هجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو سوالن جي جواب ۾ بشريٰ بي بي چيو ته آڊيوز ۾ آواز منهنجي نه آهي. جاچ ٽيم آڊيوز اڳوڻي خاتول اول کي ٻڌرايون ته هن آڊيوز کي فيڪ قرار ڏئي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ جي ٽيم آڊيوز جو فرانزڪ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته رپورٽ کي رڪارڊ جو حصو بنايو ويندو