سکر : صالح پٽ جي کبڙي ڀٽ ۾ ڀنمڀرا برادري جي جوبدارن پاران زمين تي قبضي جي ڪوشش ۔گهر مٿان حملو ڪري ٿيٻا برادري جي ماڻھن زخمي ڪرڻ واري عمل خلاف سکر جي مڪامي عدالت جي مين گيٽ ٻاهران ٿيٻابرادري جي مرد ۽ عورتن احتجاج ڪندي انصاف ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آھي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ حيدر بخش ٿيٻو۔محمد شريف۔عمران علي۔رجب علي۔ مسمات شھزادي۔بيگم خاتون ٿيٻو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان 30 لک روپين ۾ پنج ايڪڙ زمين خريد ڪئي آھي جنهن تي قبضو ڪرڻ لاء ڀنمڀرا برادري جا قبضي خور محبوب ڀنمڀرو۔رياض ۔گل حسن۔علي حسن۔صالح۔ولي محمد۔درمحمد۔حب علي ڀنمڀرو زمين تي قبضو ڪرڻ لاء سومر ڏينهن صبح جو سوير گهر مٿان حملو ڪري مردن ۽ عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائي ڪيترائي گهر ڀاتي زخمي ڪرڻ بعد ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا واقعي جي رپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ لاء وياسين ته ايس ايڇ او شوڪت آرائين به اسان جي فرياد داخل ن ڪئي
