ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بريڪ ڊائون تي ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا خميس جي صبح ملڪ جي ٻين شعبن جيان عدالتي ڪارروايون جاري هيون سموري ملڪ ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مان به بجلي غائب ٿي وئي بجلي جي بريڪ ڊائون وقت جسٽس صلاح الدين پنهور فوجداري ڪيسز ٻڌي رهيو هو بجلي ويندي ئي جسٽس صلاح الدين جو سمورو ڌيان بجلي جي بندش تي هليو ويو جسٽس پنهور ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ سان گڏ ئي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هڪ ڪلاڪ ۾ گرفتاري وارنٽ تي عمل ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فاضل جج صاحب رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ کي به طلب ڪري ورتو جسٽس پنهور سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان وٽ متبادل ذريعو نه آهي جنهن تي رجسٽرار جواب ڏنو ته جنريٽر موجود آهي جنهن مان هاءِ ڪورٽ جي اڌ حصي کي بجلي ڏني پئي وڃي جسٽس پنهور چيو ته اوهان پراڻي دور ۾ رهي رهيا آهيو سولر سسٽم جو انتظام ڪريو عدالت جو ڪم متاثر ٿيندو ته ان جو بار اوهان مٿان پوندو ڪجهه دير دوران ڪي اليڪٽرڪ جون اختياريون به عدالت ۾ پيش ٿي ويون ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور کي ٻڌايو ته بجلي ڪي اليڪٽرڪ جي ڪري بند ناهي ٿي سموري ملڪ جو نظام ويهي رهيو آهي جسٽس پنهور ريمارڪس ڏنا ته ان سان اسان کي ڪجهه به ڏيڻو وٺڻو ناهي جيڪڏهن سموري ملڪ ۾ بجلي ناهي ته ڇا اسان کي به نه ملندي ڪي اليڪٽرڪ کي ماهوار 60 لک روپين جو بل ڏيندا آهيون بجلي ناهي ته ڪي اليڪٽرڪ موبائل جنريٽر مان بجلي فراهم ڪري فاضل جج ريمارڪس ڏنا ته اوهان هتي لکي ڏيو ته عدالتن کي بنا معطلي جي بجلي فراهم ڪندو تڏهن ئي گرفتاري وارنٽس واپس وٺنداسين
