ڪنڌڪوٽ : لڳ 15 ڏينهن اڳ ھٿياربندن جي ھٿان اغوا ٿي ويل ھيبت خان گولو جي رھواسي گولا برادري جو نوجوان ظفر علي گولو کي ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا اھڙي عمل خلاف وارثن محمد موسي خان گولو ء گولا برادري جي اسحاق گولو حاجي نياز گولو عبدالرزاق گولو يونس گولو قمرالدين گولو انعام الله گولو امان الله گولو شمن گولو ء ٻين مختلف تنظيمن ايس ٽي پي جي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي م ايس ايس پي جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي اڳواڻن چيو ته ظفر گولو کي اغوا ٿيندي 15 ڏينهن ٿي ويا آهن پر ڪشمور پوليس خاموش بڻيل آهي پوليس اسان جي مغوين کي بازياب ڪرائڻ م ناڪام ٿي ويا آهن اسان جي مغوي ظفر گولو کي ٻن ڏينهن اندر بازياب نه ڪرايو ته اسان کي مجبورن روڊ بند ڪرڻو پوندو ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ مظاھرين سان ڳالهيون ڪري ھفتي اندر بازياب ڪرائي ويندو
هي آهي AR گولو، جاپان کان. مان انهن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو توهان ڪنهن به شخص جو رابطو نمبر شيئر ڪري سگهو ٿا. ؟
نھ اسان جا اتي رپورٽر ھوندا آھن اسان جو جيڪڏھن اوھان چاھيو تھ اسان ان جو رابطو نمبرڏئي سگھون ٿا
نھ اسان جا اتي رپورٽر ھوندا آھن اسان جو جيڪڏھن اوھان چاھيو تھ اسان ان جو رابطو نمبرڏئي سگھون ٿا