ڊيرا مراد جمالي ۾ بجلي جي تار ڪرڻ سبب 4 گهرڀاتين سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، بلوچستان جي شهر ڊيرا مراد جمالي ۾ بجلي جي تار گهر ۾ ڪِري پئي، چئن گهرڀاتين سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا بجلي جي تار گهر ۾ ڪِرڻ سبب عبدالحئي شيخ، سندس زال شبيه خاتون، سندس پٽ عبدالقيوم ۽ محمد اعظم فوت ٿي ويا گهرڀاتين جي رڙين تي پهتل پاڙيسري محمد ايوب بروهي به بجلي جي تارن ۾ وچڙي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو چئن گهرڀاتين سميت 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي سبب علائقي ۾ ڏک وارو ماحول پکڙجي ويو.