راڻيپور : ۾ مبينا تشدد بعد دم ڏيندڙ نينگري فاطمه واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، فارنزڪ ٽيم اسد شاهه جي حويلي پهچي ڪمري مان شاهديون هٿ ڪري ورتيون اي ايس پي گمبٽ جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻي جي فارنزڪ ٽيم جاءِ واردات تان شاهديون هٿ ڪري واپس رواني ٿي وئي هن جو چوڻ هو ته فارنزڪ ٽيم ڪيترائي ڪلاڪ حويلي ۾ موجود رهي هر رخ کان جاچ ڪندي رهي ٻئي پاسي خيرپور جي عدالت پاران قبرڪشائي جي حڪم بعد پوليس حويليءَ ۾ مبينا طور ماريل ٻارڙي فاطمه جي قبر تي چوڪي قائم ڪري ڇڏي آهي ذريعن موجب ٻارڙيءَ جي قبر وٽ ڪجهه شڪي ماڻهن جي چرپر جي اطلاعن بعد پوليس پاران چوڪي قائم ڪئي وئي، پيرن جي حويلي مان فاطمه جو لاش هٿ اچڻ بعد وارثن بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائي ڇڏيو هو وليس ٻارڙيءَ جي قتل جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ عدالت کي قبرڪشائي جي اجازت ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي، خيرپور جي عدالت راڻيپور جي عدالت کي قبرڪشائي جو آرڊر جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پوليس کي راڻيپور جي عدالت طرفان قبرڪشائي جو انتظار آهي، شڪي ماڻهن جي چرپر تي ٻارڙي جي قبر تي چوڪي قائم ڪئي وئي آهي.