اٽڪ جيل ۾ مڙس جي حياتي کي خطرو آهي: بشريٰ بي بي پنجاب جي گهرو سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو

تحريڪ انصاف:  چيئرمين عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي پنجاب جي گهرو سيڪريٽري کي خط لکي پنهنجي مڙس جي لاءِ 4 مطالبا ڪري ڇڏيا آهن پنجاب جي گهرو سيڪريٽري نالي لکيل خط ۾ بشريٰ بي بي چيو آهي ته عدالت منهنجي مڙس کي اڊيالا جيل راولپنڊي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. بنا ڪنهن جواز جي منهنجي مڙس کي اٽڪ جيل ۾ قيد ڪري رکيو ويو آهي قانون موجب منهنجي مڙس کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو وڃي خط ۾ چيو ويو آهي ته منهنجو مڙس پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم آهي هو آڪسفورڊ جو گريجوئيٽ ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان آهي، هو جن عهدن تي فائز رهيو آهي ان حساب سان سهولتون اٽڪ جيل ۾ موجود نه آهن اٽڪ جيل ۾ ڪابه بنيادي سهوليت به نه پئي ڏني وڃي جيڪا منهنجي مڙس جي عهدي موجب هجي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته منهنجي مڙس تي 2 ڀيرا قاتلا حملا ٿي چڪا آهن جن جا جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن منهنجي مڙس جي حياتي کي خطرو آهي امڪان آهي کيس اٽڪ جيل ۾ زهر نه ڏنو وڃي ان لاءِ اڳوڻي وزيراعظم هجڻ جي ناتي منهنجي مڙس کي گهر جي ماني جي اجازت ڏني وڃي. جيل قانون موجب 48 ڪلاڪن ۾ سموريون سهولتون ڏيڻيون هيون جيڪي 12 ڏينهن گذرڻ باوجود ناهن ملي گهيون خط ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري چيو آهي ته جيل قانون موجب منهنجي مڙس کي پرائيويٽ ڊاڪٽر کان طبي معائنو ڪرائڻ جو حق آهي مڙس کي جيل قانون موجب سهولتون نه ڏيڻ تي قانوني جاچ جو مطالبو ڪريان ٿي منهنجي مڙس کي بي ڪلاس اڊيالا جيل منتقلي پرائيويٽ ڊاڪٽر ۽ گهر جي ماني جي اجازت ڏني وڃي