ملڪ ۾ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ مهانگائي جي شرح 27.57 سيڪڙو ٿي وئي آهي
شماريات کاتي پاران ڪيل سروي جي نتيجن موجب پاڪستان ۾ 32 عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي جڏهن ته گذريل هفتي جي مقابلي ۾ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ 0.78 سيڪڙو اضافو، 7 شين جي قيمتن ۾ لاٿ جڏهن ته 12 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو رپورٽ موجب جن شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي انهن ۾ ڳاڙهيون مرچون 7.58 سيڪڙو، چانور 7.48 سيڪڙو، ٿوم 5.06 سيڪڙو، کنڊ 4.02 سيڪڙو، ڳُڙ 3.23 سيڪڙو، چانور ٽوٽا 3.06 سيڪڙو، ڪڪڙ 2.83 سيڪڙو، ڪيلا 2.72 سيڪڙو، ڊيزل 7.29 سيڪڙو ۽ پيٽرول 6.40 سيڪڙو مهانگو ٿيو آهي ان کان علاوه ٽماٽن جي قيمت ۾ 13.60 سيڪڙو، کاڄرو تيل 1.65 سيڪڙو، گيهه 0.85 سيڪڙو، جڏهن ته اٽي جي قيمت ۾ 0.19 سيڪڙو لاٿ ٿي