قاسم آباد ۾ قبضا خورن ڊي آءِ جي ۽ ڊي سي جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو

قاسم آباد : ۾ رٽائرڊ وائيٽ ڪالر آفيسرن ۽ ملازمن جو بدمعاش قبضي خورن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ڊي سي حيدرآباد جي حڪمن کي قبضي خورن ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو ، گذريل ٻہ ڏينهن پھرين ڊي آئي جي ، ڊي سي حيدرآباد ۽ عدالت جي حڪمن تي اسٽٽنٽ ڪمشنر، مختيار ڪار ، ڊي ايس پي قاسم آباد ۽ ايس ايڇ او نسيم ننگر جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪري غيرقانوني طور تي اڏيل جھوپڙيون ڊاھي پٽ ڪيون ويون ھيون ، رٽائرڊ ملازم نثار احمد چارڻ جيئن ئي پلاٽ تي ڪم ڪرائڻ ويو تہ اتي موجود قبضا گروپ جي مصري شيخ ڪم روڪرائي ڌمڪيون ڏنيون تہ ھتان ھليا وڃو نہ تہ توھان کي جاني نقصان ٿي سگهي ٿو، رٽائرڊ ملازم نثار احمد چارڻ دانھيندي چيو آهي تہ ھي ڪٿان جو انصاف آهي پلاٽ بہ اسان جو ۽ مارڪٽ بہ اسان جي چوڪيدار کي ڪئي وئي آهي ۽ ڌمڪيون بہ اسان کي ڏنيون پيون وڃن ، رٽائرڊ ملازم نثار احمد چارڻ اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي تہ خدارا ڌمڪيون ڏيندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪري پلاٽ تي ڪم دوران رڪاوٽون وجھندڙن جي خلاف ايڪشن کنيو وڃي ھڪ دفعو ٻيھر رٽائرڊ سفيد پوش ملازمين جي زندگي عذاب بڻائي سندن بارڙن کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ٻيھر ڏئي رھيا آھن جڏهن تہ ڪيترن ئي رٽائرڊ ملازمن کي پلاٽ تي اچڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪين جا پيغام موڪليا پيا وڃن، رٽائرڊ ملازمن قانون، انصاف، پوليس ۽ اعليٰ ادارن کي اپيل ڪندي گهر ڪئي آهي ته خدارا ڏوھارين خلاف قانون تحت ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي رٽائرڊ ملازم نثار احمد چارڻ ۽ رٽائرڊ آفيسرن ۽ ورڪرن مطالبو ڪيو آهي تہ ھاڻي اسان رٽائر ۽ بزرگ ٿي چڪا آھيون، اسان ٻيو ڪجھ نٿا چاھيون رڳو انصاف ڏئي تحفظ فراهم ڪيو وڃي