شھر جي نوناري محلي جي رھوسين پاڙي ۾ مال جي واڙن جي گندگي جي خلاف احتجاجي ڌرڻو عيدگاھ چوڪ تي ھنيو

محراب پور شھر جي نوناري محلي جي رھوسين پاڙي ۾ مال جي واڙن جي گندگي جي خلاف احتجاجي ڌرڻو عيدگاھ چوڪ تي ھنيو
محراب پور شھر جي نوناري محلي جي رھواسين سنڌ ھاري ڪاميٽي جي جھوني ڪارڪن سرائي ميانداد خاصخيلي، ياسين مڱڻھار، ھوشو امجد نوناري سميت محلي واسين احتجاجي ڌرڻو لڳايو مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو تہ اسان جي محلي ۾ مال جا واڙا جيڪي اعظم خاصخيلي جا آھن جنھن جي خلاف ٽي ايم او، ڊي ايس پي محراب پور سميت ٽائون انتظاميہ کي لکت ۾ شڪايتي درخواستون ڏنيون آھن مالڪ تمام بااثر ھئڻ جي ڪري ڪو بہ عمل نہ ٿو ٿئي مال جي واڙن جي ڪري گھٽي ۾ تنگي مال جي گندگي جي ڪري ناليون گٽر بند ٿئي ٿا وڃن ڪيترين ئي بيمارين منھن کولي ڇڏيا آھن اسان اعلي انتظاميہ کي اپيل ٿا ڪيون تہ اسان جي شڪايتي درخواستن تي عمل ڪري بااثر جا جيڪي شھر کان ٻاھر مال جا واڙ آھن انھن ۾ شفٽ ٿئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.