وزيراعظم چيو ته جڑانوالا واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ڏني ويندي

نگران وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اقليتن جو تحفظ رياست جي اولين فرضن جو حصو آهي تفصيل موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ جڑانوالا واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڑانوالا واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڪابينا اجلاس ۾ بٽگرام چيئر لفٽ ريسڪيو آپريشن بابت به بريفنگ ڏني وئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب نگران ڪابينا ايندڙ هفتي قومي سطح تي بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڪانفرنس پاڪستان ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي ناڻي واري وزارت جي سفارش تي 24-2023ع لاءِ ڏاج جي رقم 67 لک 57 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي نگران وزيراعظم ڪابينا کي جڑانوالا جي دوري بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جڑانوالا واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سزا کي يقيني بڻايو ويندو. ياد رهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گذريل ڏينهن جڑانوالا جو دورو ڪيو هو تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته انصاف کانسواءِ ڪو به معاشرو قائم نٿو رهي، جڏهن سڀني کي برابر انصاف ملندو ته رياست به بچي ويندي آهي. رياست جي دشمنن جو پهريون حملو انصاف جي نظام تي ٿئي ٿو، اقليتي برادري جو تحفظ هر مسلمان جي ذميواري آهي. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اقليتن جي تحفظ جي معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، انتهاپسندي جو ڪنهن به مذهب، ٻولي يا علائقي سان ڪو به تعلق ناهي.