سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ، 6 جوان شهيد

سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ، 6 جوان شهيد ٿي ويا تفصيل موجب ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اسمان مانزا ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. جوابي فائرنگ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 جوان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويا، علائقي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون ٻئي طرف پاڪستان رينجرز ڀارت طرفان اسمگلنگ جي وڏي ڪارروائي ناڪام بڻائي ڇڏي 29 جولاءِ کان 3 آگسٽ تائين دراندازي جي ڪوشش ۾ 6 ڀارتي اسمگلرز کي گرفتار ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي شهري منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهن. گرفتار ٿيلن ۾ فيروزپور جا رهواسي گرميج سنگهه، سندر سنگهه، جگندر سنگهه ۽ وشال سنگهه شامل آهن. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جالنڌر جي رهواسي مهندر سنگهه ۽ لڌيانا جي گروندر سنگهه کي به گرفتار ڪيو ويو آهي غير قانوني داخلا تي سمگلرز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، رياست مخالف سرگرمين تي پاڪستاني قانونن موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي بي ايس ايف جو اسمگلرن سان لاڳاپو پري جي ڳالهه ناهي، اميد آهي ته بي ايس ايف سمگلرز سان لاڳاپو ختم ڪري ڇڏيندو. جڏهن ته گذريل ڏينهن ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي نڪيال سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ڪري شهري آبادي کي نشانو بڻايو.