ٺڪراٺي : ويجھو ڳوٺاڻن جو مھتم برادري جي بااثر ماڻھن جي بي واجبين خلاف احتجاجي مظاھرو بااثر قديمي ڳوٺ تي قبضا ڪرڻ

ٺڪراٺي : ويجھو ڳوٺاڻن جو مھتم برادري جي بااثر ماڻھن جي بي واجبين خلاف احتجاجي مظاھرو بااثر قديمي ڳوٺ تي قبضا ڪرڻ چاھين ٿا وري ابتو اسان مٿان قبرستان تي قبضي جا الزام ھڻي رھيا آھن ڊي سي سکر ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي قبرستان تان قبضا ختم ڪرائين ۽ ناجائزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي خبر موجب ٺڪراٺو ويجھو مھر برادري جي ماڻھن مھتم برادري جي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو مھر ڳوٺ واسين محمد مٺل مھر اگن مھر ڪوڙو بنگل سالڪ مھر ۽ ٻين دانھيندي الزام ھنيو ته اسانجو ڳوٺ قديمي آھي جنھن تي مھتم برادري جا بااثر ماڻھو قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ھنن چيو ته علائقي جي شاگردن جي پڙھائي لا۽ اسان پنھنجي ذاتي ڳوٺ جي زمين ڏئي ٺڪراٺو ھاير سيڪنڊري اسڪول ٺھرايو پنھبجي زمين تي دڪان ٺھرائڻ کانپو۽ ھاڻ بااثر ڏمرجي پيا آھن ۽ قبرستان تي قبضي جو ڪوڙو ڊرامو رچائي پوليس ھٿان تنگ ڪرائي رھيا آھن احتجاج ڪندڙ وڌيڪ چيو آھي ته معصوم قبرستان تي مھتم برادري جي ماڻھن پاڻ قبضا ڪري گھر ۽ دڪان ٺاھيا آھن ۽ ھاڻ اسانجي ڳوٺ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا احتجاج ڪندڙن ڊي سي سکر ۽ مختيارڪار پنوعاقل کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي معصوم قبرستان سميت شھر جي ٻين قبرستانن تي قبضا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سرڪاري ماپ ڪئي وڃي ۽ اسانکي انصاف ڏنو وڃي.