تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ گبلو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي م ڪارنھن جي معاملي تان ساوند ء سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين پراڻو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو ٻن ڌرين ھڪ ٻئي تي جديد ھٿيارين جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ ملان جيوڻ گولو جو رھواسي اڪبر علي گولو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته زخمي کي فوري طور اسپتال آندو ويو ڳڻتي جوڳي حالت سکر منتقل ڪيو ويو فائرنگ جي دوران علائقي م خوف ء حراس ڇائيجي ويو ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن ھوڏانھن گولا برادري جي چڱي مڙس مقدم جعفر گولو چيو ته سندراڻي برادري ء ساوند برادري جي جھيڙي دوران اسان جو نقصان ٿي رھيو آهي ھي ٽيون واقعو آهي اسان جي ماڻهن کي گوليون لڳيون آهن اسان چيف سردار مير عابد علي خان سندراڻي کي به اطلاع ڪيو ويو آهي ياد رھي ته سندراڻي ء ساوند برادري جي ٻن ڌرين ڪارنھن جي معاملي تان تڪرار شروع ٿيو جنهن م ھن وقت تائين ٻن ڌرين جا ھڪ عورت ء نينگري سميت 13 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جنهن م ساوند برادري جا پروفيسر شھيد اجمل خان ساوند ء معصوم نينگري سميت پنج ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته سندراڻي برادري جا ھڪ عورت سميت 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جھيڙو دوران زميون غير آباد ء اسڪول بند پيل آهن معصوم ٻارن کي قلم بجاء ھٿيارکڻي مورچن تي ويٺل آهن جھيڙي سبب غريب طبقو پريشان آهن جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي