رضوانه تشدد ڪيس ۾ سول جج کي نوڪري تان هٽائڻ جي درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪئي وئي آهي. هاءِ ڪورٽ معصوم گهريلو ملازمه رضوانه تي تشدد واري ڪيس ۾ جوابدار سوميه عاصم جي مڙس سول جج عاصم حفيظ کي نوڪري تان هٽائڻ جي لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتي. عدالت وفاقي حڪومت ۽ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس کي نوٽيس جاري ڪندي مدد طلب ڪري ورتي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سول سوسائٽي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل احسن رضا ۽ اسٽيٽ ڪونسل کي روسٽرم تي گهرائي ورتو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سول جج جو معاملو هونئن ته ايڊمنسٽريٽو سائيڊ تي آهي پر اسان جوڊيشل سائيڊ تي به ڏسنداسين. اسان وٽ ان حوالي سان تفصيلي درخواست داخل ڪئي وئي آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٻارن تي تشدد چائلڊ ليبر بابت فيڊريشن کي ڏسڻ گهرجي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس شاگردياڻي طيبه تشدد ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته ان کان اڳ معصوم طيبه تشدد ڪيس سميت ڪيترائي واقعا سامهون آيا آهن. اسان هن درخواست تي وفاق ۽ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس کي نوٽيس اماڻي رهيا آهيون جنهن تي اسٽيٽ ڪونسل چيو ته اسان کي درخواست جي ڪاپي ڏني وڃي ته جيئن اسان نوٽيس جي تياري ڪريون ياد رهي ته اها درخواست سول سوسائٽي نيٽ ورڪ اسلام آباد جي صدر عبدالله ملڪ طرفان داخل ڪئي وئي آهي جڏهن ته سول جج عاصم حفيظ جي گهر واري معصوم رضوانه تي تشدد ڪرڻ جي الزام ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي آهي ۽ سول جج عاصم حفيظ کي لاهور هاءِ ڪورٽ او ايس ڊي بنائي ڇڏيو آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.