چيف جسٽس عمر عطا بنديال نيب ترميم کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جا قومي احتساب بيورو(نيب) جي قانون ۾ ترميم بابت اهم ريمارڪس سامهون اچي ويا آهن مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف جي گرفتاري کان اڳ آگاهه ڪرڻ واري حڪم خلاف نيب اپيل تي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٿي.نيب پراسيڪيوٽر رضوان ستي چيو ته جوابدار کي گرفتاري کان اڳ آگاهه ڪرڻ جو فيصلو قانون جي خلاف آهي نيب ترميم جو اطلاق ماضي مان ڪيو ويو آهي چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته جاويد لطيف جو ڪيس انڪوائري جي اسٽيج تي هو ان وقت گرفتاري نٿي ٿي سگهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته 3 جولاءِ 2023 جي ترميم کان پوءِ انڪوائري دوران به گرفتاري ٿي سگهي ٿي جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جولاءِ ۾ ٿيندڙ نيب ترميم شڪي آهي 3 جولاءِ تي ڪيل نيب ترميم عدالتي فيصلن سان تڪراري آهي چيف جسٽس پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته سوال جواب جي لاءِ گهرايل ماڻهو کي جيل ۾ ڪيئن وجهي سگهجي ٿو؟ نيب قانون 2001 تائين ڊريڪئين هو. نيب قانون ۾ ريمانڊ جو ٽائيم گهٽ ڪرڻ ۽ ضمانت ڏيڻ جي ترميم سٺي آهي. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته نيب قانون جي تشريح عدالتي فيصلن ۽ آئين جي حوالي سان ئي ٿي سگهي ٿي سپريم ڪورٽ گرفتاري کان اڳ جوابدار کي آگاهه ڪرڻ واري حڪم خلاف نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم 3 جولاءِ جي ترميم کان اڳ جو آهي.