نيپرا بجلي 5 روپيه 40 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي 5 روپيه 40 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي مالي سال 2022-23 جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تي نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿي. نيپرا ٽه ماهي ايڊجسمينٽ جي لاءِ بجلي 5 روپيه 40 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني، منظوري سال 2022-23 جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڏني وئي بجلي مهانگي ٿيڻ جو اطلاق لائف لائين ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي نه هوندو. نيپرا بجلي مهانگي ڪرڻ بابت ٻڌڻي جو فيصلو بعد ۾ جاري ڪندو حتمي فيصلو ۽ نوٽيفڪيشن وفاقي حڪومت جاري ڪندي ٻڌڻي دوران نيپرا جي ميمبر رفيق شيخ چيو ته دعا ڪريو الله بهتر ڪري، صارفين جيان اسان به بل ادا ڪندا آهيون.