تحريڪ انصاف: جي چيئرمين عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جي قانوني ٽيم کان ڌار ٿي ويو آهي ذريعن موجب خواجه حارث پي ٽي آءِ چيئرمين جي قانوني ٽيم ۾ ڊسيپلين تي خدشمن تي قانوني ٽيم کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن ٻڌايو آهي ته خواجه حارث اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق تي اعتراض نه اٿارڻ جو مشورو ڏنو هو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي قانوني ٽيم جي ڪجهه ميمبرن چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ تي اعتراض جو مشورو ڏئي رهيا هئا جڏهن ته ڪجهه وڪيلن خواجه حارث کي چيو ته اوهان بينچ تي اعتراض نه اٿاريو پر اسان کي اجازت ڏيو ذريعن موجب خواجه حارث طرفان پاڻ کي ڪيس کان ڌار ڪرڻ کان پوءِ هاڻ سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي نمائندگي لطيف کوسو ۽ ٻيا وڪيل ڪندا. خواجه حارث ڪيس جون سموريون فائون پي ٽي آءِ چيئرمين جي قانوني ٽيم ڏانهن اماڻي ڇڏيون آهن ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي سزا معطلي جي درخواست تي ٻڌڻي لاءِ خواجه حارث عدالت ۾ پيش نه ٿيندو ذريعن موجب 22 آگسٽ جي ٻڌڻي ۾ به خواجه حارث عدالت ۾ پيش نه ٿيو هو توشه خانه ڪيس بابت بابت سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي واري درخواست ۾ به خواجه حارث هاڻ عمران خان جو وڪيل نه هوندو.