ٺٽي : ۾ جهرڪ ويجهو ٽرڪ ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار جڏهن ته 14 زخمي ٿي پيا آهن پوليس موجب حيدرآباد ٺٽو قومي شاهراهه تي جهرڪ ويجهو مسافر وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت جڏهن ته 15 زخمي ٿي پيا ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن ۽ زخمن کي جهرڪ ۽ سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو آهي ريسڪيو ذريعن موجب حادثو تيزي رفتاري سبب پيش آيو آهي، فوت ٿي ويلن ۾ 2 عورتون ۽ هڪ ٻارڙي به شامل آهي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر کان روڊ حادثي جي رپورٽ طلب ڪندي زخمين کي فوري طور تي طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي