معمولي ڳالهه تان جھيڙو، ھڪ ڄڻو قتل

ميرپورساڪرو ويجهو ٻهارا شهر ۾ معمولي ڳالهه تان خاصخيلي برادريَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران چاقو لڳڻ سبب ڳوٺ عثمان خاصخيلي ھالاٺي جو رھواسي 30 ورھين جو خميسو ولد بصريو خاصخيلي قتل ٿي ويو آهي فوتي نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال شيخ زيڊ ميڊيڪل سينٽر آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو ان حوالي سان پوليس جو موقف آهي ته گهريلو مسئلو لڳي رهيو آهي اسان جاچ ڪري رھيا آھيون ملوث جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو