ڪنڌڪوٽ : ڪشمور ٿاڻي جي حد ڊکڻ بنگلي واري علائقي ۾ دشتي برادري ڪشمور پوليس جي ناجائزين خلاف ڊکڻ بنگلو وٽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي دشتي برادري جو چوڻ آهي ڪشمور پوليس پنھنجا ڪارتوت ليڪائڻ لاء ھر روز اسان جي چڱن مڙسن جي گھرن تي ريٽ ڪري ٿي تنھنڪري اسان روڊ بلاڪ ڪيو آھي اڳ ۾ به ڪشمور پوليس اسان جون 10 عورتون گهران كنڀي وئي آهي جن کي پوليس گم ڪري ڇڏي آهي ۽ اڄ وري ڪشمور پوليس اسان جي عورتن کي کڻن لاء اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪئي وئي آھي دشتي برادري جو چوڻ آهي ته ڪشمور پوليس خلاف سنڌ ھائي ڪورٽ ۾ ڪيس پڻ ھلندڙ آهي ڪشمور پوليس اسان کي چوي ٿو ته ڪيس مان ھٿ کڻو نه ته ٻين عورتن کي به گرفتار ڪنداسين هنن اهو به چيو آهي ته اڄ مجبور ٿي ڪري ڪشمور پوليس جي ناجائزين خلاف روڊ بند ڪري ڇڏيو آهي جڏھن ته روڊ بند ٿيڻ سبب سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون مسافر سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ لڳا