ڪنڌڪوٽ : لڳ 20 ڏينهن اڳ زورڳڙھ ڀرسان کاھي وٽ 10 کان وڌيڪ ھٿياربندن جي ھٿان اغوا ٿي ويل

ڪنڌڪوٽ : لڳ 20 ڏينهن اڳ زورڳڙھ ڀرسان کاھي وٽ 10 کان وڌيڪ ھٿياربندن جي ھٿان اغوا ٿي ويل مغوي ظفر الله گولو کي ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا اھڙي عمل خلاف گولا برادري ء وارثن جو مغوي جي بازيابي لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي محمد موسىٰ گولو حاجي نياز احمد گولو يونس گولو قمر الدين گولو رحمت الله گولو امان الله گولو نبي بخش گولو عبدالرحمن گولو امير بخش گولو شمن گولو ھارون گولو اسحاق گولو انعام الله گولو عبدالرزاق گولو ء ٻين چيو ته زمين تي پاڻي پيارڻ لاء مغوي ظفر الله گولو کي 10 کان وڌيڪ ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن پر ڪشمور پوليس مغوي ظفرالله گولو کي بازياب ڪرائڻ م ناڪام وئي آهي اسان غريب مسڪين آھيون کائڻ لاء به ڪجھ ناهي سڄو ڏينهن برف ھلائي پيٽ گذر ڪندو ھو جنهن کي ھٿياربندن اغوا ڪري ويا آهن اسان جي گهر جو چلو ھلندو ھو اھو به بند ٿي ويو آهي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان ايس ايس پي ڪشمور جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو به ڪيو پر ھفتي جي مھلت وٺڻ جي باوجود به پوليس ڪک ٻيڻو نه ڪيو آهي ھٿياربندن اسان کي فون ڪري پنجاھ لک روپيا ڀنگ ڏيو نه ته اسان کي نقصان پھچايو ويندو نگران وزير اعلي سنڌ آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ء ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان مطالبو آهي ته اسان جي معصوم ظفر الله گولو کي فورن بازياب ڪرائي بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ ڪشمور ڪنڌڪوٽ روڊ بند ڪيو جيستائين مغوي ظفر الله بازياب نه ٿيندو تيستائين روڊ بند رھندو