ڪنڌڪوٽ : پريس ڪلب آڏو شھيد فاطمه ڦورڙو جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ ۽ بدامني خلاف ڌرتي ڌڻي پارٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي زاھد خالق سولنگي، حبيب الله سبزوئي، احمد علي مزاري، ملڪ برڪت ۽ ٻن جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته ضلعي اندر بدامني عروج تي پھتي آهي ڏينھون ڏينهن ھر روز شريف شھرين کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو پيو وڃي اسان کي پوليس تي اميد آهي ته امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري وٺندي، ھنن چيو ته شھيد فاطمه ڦورڙو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سري عام ڦاسي ڏني وڃي، ھو انسانيت جا قاتل آهن، ھنن چيف جسٽس پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي ته شھيد فاطمه ڦورڙو جي قتل جو از خد نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي