توشه خانه ڪيس ۾ سزا معطل ڪرڻ جي درخواست: ٽرائل ڪورٽ جيڪو ڪيو غلط ڪيو: جسٽس عامر فاروق

اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ سزا معطل ڪرڻ واري پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ڪرڻ ۽ ضمانت تي آزاديءَ وارين درخواستن تي ٻڌڻي هلائي، اليڪشن ڪميشن جو وڪيل امجد پرويز عدالت ۾ پيش نه ٿيو، معاون وڪيل چيو ته امجد پرويز طبيعت خراب هئڻ سبب پيش نه ٿيو آهي چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ۾ چيو ته ضمانت جو معاملو آهي، اها ڳالهه غلط آهي، اسان به ٽرائل ڪورٽ وارو ڪم ڪري سگهون ٿا پر ائين نه ڪنداسين، ٽرائل ڪورٽ جيڪو ڪيو غلط ڪيو ڌڻي سومر تائين ملتوي ڪيون ٿا، سومر تي جيڪڏهن ڪير نه به آيو ته فيصلو ڪري ڇڏينداسين، عدالت ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.