ڪنب: معصوم نينگري سان مبينا زيادتي، وارث نينگري کي بيهوشي واري حالت ۾ کڻي ٿاڻي تي پهتا

ڪنب جي سيال پاڙي ۾ معصوم نينگري سان مبينا جنسي ڏاڍائي، نينگري کي بيھوشي واري حالت ۾ وارث کڻائي ٿاڻي تي پهچي ويا ٻارڙي جي وارثن موجب جوابدار عاقب 8 ورهين جي نياڻي کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، کيس گرفتار ڪري سخت سزا ڏياري وڃي پوليس متاثر نينگري کي ميڊيڪل چيڪپ جي لاءِ ڪوٽڏيجي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو هوڏانهن وارثن ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو کان مطالبو ڪيو ته جلد ايڪشن کڻي واقعي جي جاچ ڪئي وڃي.