پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي سائفر ڪيس ۾ جسماني ريمانڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت داخل سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آڳواڻ شاهه محمود قريشي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هن جسماني ريمانڊ جي 3 آرڊر خلاف درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ شاهه محمود قريشي 20، 21 ۽ 25 آگسٽ جي ٽرائل ڪورٽ جي حڪمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جسماني ريمانڊ ڏيڻ واري آرڊر کي ڪالعدم قرار ڏئي جوڊيشل ريمانڊ تي اماڻيو وڃي. وفاقي حڪومت جي ملي ڀڳت سان بدنيتي جي آڌار تي منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت سياسي انتقام جو نشانو بنائڻ جي لاءِ منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي شاهه محمود قريشي طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ جي سامهون جاچ ۾ شامل ٿيس، سائفر خط نه مون ورتو آهي نه ئي ان جو ٽرانسڪرپٽ ڪنهن اڻ لاڳاپيل شخص کي ٻڌايو. رڪارڊ مان ثابت ٿئي ٿو ته سائفر پرڏيهي وزارت وٽ موجود آهي. اهڙين سمورين حقيقتن جي باوجود ايف آءِ اي مون کي گرفتار ڪيو. 3 ڀيرا منهنجو جسماني ريمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي درخواست موجب پراسيڪيوشن ڪوبه ثبوت سامهون آڻڻ ۾ ناڪام رهيا، ان جي باوجود ٽرائل ڪورٽ جسماني ريمانڊ ڏئي ڇڏيو. درخواست ۾ وفاق ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کي ڌر بنائيندي وڌيڪ چيو ويو آهي ته جج ان ڳالهه تي به غور نه ڪيو ته ايف آءِ آر ۾ سائفر مون وٽ هجڻ جو الزام به نه آهي. ايف آءِ آر ۾ سائفر ڪنهن ٻئي وٽ هجڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. مون بطور پرڏيهي وزير هجڻ جي پنهنجا فرض ادا ڪندي قانون موجب پاڪستان جي وزيراعظم کي پيغام پهچايو هو.