74

مڪاني چونڊن جو دنگل: ڪراچي ۾ سرگرميون

ڪراچي: ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سرگرميون جاري آهن، سنڌ حڪومت جي چونڊون ملتوي ڪرڻ واري گذارش بعد اميدوار ٻڏتر جو شڪار آهن، اليڪشن ڪميشن موجب، ڪراچي ڊويزن ۾ 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون ٿيڻيون آهن،ملير، گلشن اقبال گلشن حديد، صدر ۽ ٻين علائقن ۾ يوسي سطح تي گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته اميدوارن ورڪ به شروع ڪري ڇڏي آهي،ملير جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ ايم پي اي هائوس تي پ پ اڳواڻ جان عالم ڄاموٽ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني چونڊن جي تيارين جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو،اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، حيدر علي ڄاموٽ، قيصر بلوچ، رفيق الحسيني، اسماعيل چارڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو